آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ ڊرا، بارڊر- گواسڪر ٽرافي آسٽريليا پنهنجي نالي ڪري ڇڏي

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا بارڊر- گواسڪر ٽرافي ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ ڊرا ٿيڻ بعد چئن ميچن جي سيريز ۾ ڀارت کان ٻڙي جي مقابلي ۾ 2 ميچن تان سيريز پنهنجي نالي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ميلبورن ۾ گذريل 17 سالن دوران پهريون ڀيرو ڪا ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي آهي. اڱاري ڏينهن ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم آخري ڏينهن 384 رنسن جي هدف جي جواب ۾ 174 رنسون ٺاهيون ۽ ان جا 6 رانديگر آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ميچ کي 4 اوور اڳ ئي ختم ڪيو ويو هو. ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني ۽ روي ايشون بيٽنگ ڪري رهيا هئا. 4 ميچن جي سيريز جي چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ايندڙ هفتي سڊني ۾ کيڏي ويندي، ان کان اڳ آسٽريليا ايڊيليڊ ۽ برسبين ۾ ٿيل 2 ٽيسٽ ميچون اڳ ئي کٽي چڪي آهي. ٽين ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ بعد آسٽريليا ٽيم سيريز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *