آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سڊني ۾ جاري سڊني ٽيسٽ بنا نتيجي ختم

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سڊني ۾ جاري سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ بنا نتيجي ختم ٿي وئي.آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر کي ميچ ۾ ناقابل شڪست سينچري اسڪور ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو جڏهن ته ايڊم ووجز سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. آسٽريليا ٽن ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪئي. لڳاتار برسات سبب ميچ بي نتيجي رهي. ميچ جي ٻئين ڏينهن رڳو 11.2 اوورز جي راند ئي ممڪن ٿي سگهي ۽ اهڙ ي طرح لڳاتار برسات جو سلسلو نه رڪجڻ سبب ٽئين ۽ چوٿين ڏينهن ڪو بال نه هلي سگهيو. ويسٽ انڊيز ٽيم پنهنجي اننگز ۾ 330 رنسون ٺاهي پويلين موٽي آئي جواب ۾ آسٽريليائي ٽيم ڊيوڊ وارنر جي ناقابل شڪست سينچري عيوض 2 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *