آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 5 کان 9 نومبر تائين برسبين ۾ کيڏي ويندي

برسبين (اي پي پي) آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ 5 کان 9 نومبر تائين برسبين ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، تفصيل موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم برينڊن ميڪ ڪلم جي اڳواڻي ۾ اڄڪلهه آسٽريليا جي دوري تي آهي، جتي هو ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، ٽيسٽ سيريز کان اڳ ڪيوي ٽيم 29 آڪٽوبر کلان پهرين نومبر تائين ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون خلاف 4 ڏينهن واري ٽور ميچ کيڏندي، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 5 کان 9 نومبر تائين برسبين ۾ کيڏي ويندي، آسٽريليا جي ٽيم اسٽيون سمٿ جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڪپتانا جا فرض برينڊ مڪ ڪلم انجام ڏيندو، سيريز جي ٻين ٽيسٽ 13 کان 17 نومبر تائين پرٿ، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ 27 نومبر کان پهرين ڊسمبر تائين ايڊيليڊ اوول ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *