آسٽريليا چوٿين ون ڊي ۾ به ڀارت کي مات ڏئي ڇڏي

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا پاران چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 25 رنسن تان مات ڏئي  5 ميچن جي سيريز 0.4 سان برتري ماڻي ورتي، ايرون فنچ 170 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي پنهنجي ٽيم کي کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو.ڀارت کي سيريز ۾ وائيٽ واش کان بچڻ لاءِ 5 ميچ ۾ کٽڻ لازمي آهي،تفصيل مطابق آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڏنل 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 348 رنسون ٺاهيون، ايرون فنچ  بهترين راند ڪندي ٻن ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 107 رنسون ٺاهيون،ڀارت پاران ايشانت شرما 77 رنسن عيوض 4 وڪيٽون ماڻيون،جڏهن ته هميش يادو 67 رنسون ڏئي ٽن رانديگرن کي  آئوٽ ڪيو،ڀارتي ٽيم 49.2 اوورن ۾ 323 رنسون  ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.ڀارتي اوپنر ن 65 رنسن جي سٺي شروعات ڪئي پر روهيت شرما 65 جي اسڪور تي 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.جنهن کانپوءِ شيکر ڌون  ۽ ويرات ڪولهي ٻئي وڪيٽ سان گڏ 212 رنسون ٺاهي ميچ کي تجسس سان ڀري ڇڏيو.شيکر ڌون ٻن ڇڪن ۽ 14  چوڪن جي مدد سان 126 رنسون،جڏهن ته ويرات ڪولهي هڪ ڇڪو ۽ 11 چونڪن جي مدد سان 106 رنسن جي اننگ کيڏي.ڪپتان مهندرا سنگهه  ڌوني  بنا اسڪور ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو،جڏهن ته گرگيت سنگهه  5،اجنڪيار 2  ۽ رشي ڌون 9 رنسون ٺاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *