آسٽريليا ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 251 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

 

برمنگهم(اسپورٽس نيوز) ايشيز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا انگلينڊ کي 251 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پراعتماد شروعات کانپوءِ ميزبان ٽيم ڏکيائين جي ور چڙهي وئي ۽ 18سالن بعد ايجبسٽن برمنگهم ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کاڌي.ٻئي اننگز ۾ ڪينگروز اسٽيون اسمٿ ۽ ميٿيوويڊ جي شاندار ڪارڪردگي سبب ميزبان ٽيم کي 398 رنز جو هدف ڏنو. انگلينڊ پاران اوپنرز روئي برنز ۽ جيسن روئي ڏينهن جي آخر ۾ 77 اوورن ۾ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 13 رنز ٺاهيون هيون. انگلينڊ اڄ جڏهن پنهنجي آخري اننگز شروع ڪئي ته انگلش ٽيم کي 10 وڪيٽن تي ڪاميابي لاءِ 385 رنز گهربل هيون، پر ميزبان هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.آسٽريليا انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرين اننگز ۾ 284 رنز ٺاهيون، انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 374 رنز ٺاهيون هيون. مهمان ٽيم جڏهن پنهنجي ٻِي اننگز ختم ڪئي ته مخالف کي ڪاميابي لاءِ 385 رنز جو هدف ڏنو، جيڪو انگلينڊ پورو نه ڪري سگهي. آسٽريليا پاران اسٽيون اسمٿ هڪ ئي ميچ ۾ 2 سينچريون اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم ۾ ڪاميابي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.مهمان ٽيم کي 5 ميجن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. سيريز جي ٻئي ٽيسٽ ميچ 14 کان 18 آگسٽ تائين لنڊن، ٽئين ٽيسٽ 22 کان 26 آگسٽ تائين ليڊز ۾ کيڏيون وينديون. چوٿين ٽيسٽ ميچ 4 کان 8 سيپٽمبر تائين مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي، پنجين ۽ آخري ميچ 12 کان 16 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *