آسٽريليا ويلنگٽن ٽيسٽ ۾ نيوزي لينڊ کي هڪ اننگز ۽ 92 رنسن تان مات ڏئي سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا نيوزي لينڊ کي ويلنگٽن ٽيسٽ ۾ هڪ اننگز  ۽ 92 رنسن تان هارائي ڇڏيو،ڪينگروز ٻن ٽيسٽ ميچن واري سيريز ۾ ٻُڙيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ جي برتري حاصل ڪري ورتي.ويلنگٽن ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن تي نيوزي لينڊ پنهنجي اڻپوري اننگ 178 رنسون ۽ چار وڪيٽن جي نقصان تي ٻيهرشروع ڪئي ۽ پوري ٽيم چانهه جي وقفي کان پهرين 327 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.ٽم ليٿم ۽ هنري نڪولز ففٽي ،ففٽي اسڪور ڪيو ۽ سندن ففٽين به ڪيوي ٽيم کي نه بچائي سگهيون.اهڙي طرح ڪينگروز هڪ اننگ ۽ 92 رنسن تان پهرين ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *