آسٽريليا نيوزيلينڊ کي ٻين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ ۾ 7 وڪيٽن تان هارائي سيريز ڪلين سوئپ ڪري ورتي

ڪرائيسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا نيوزيلينڊ کي ٻئين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ ۾ 7 وڪيٽن تان هارائي سيريز ڪيلن سوئيپ ڪري ورتي. ان ڪاميابي سميت آسٽريليا جي ٽيم ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي عالمي ٽيم رينڪنگ ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ڪينگروز ڪيويز طرفان مليل هدف 201 رنسون ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. جو برنز 65 ۽ ڪپتان اسٽيون سمٿ 53 رنسن سان نمايان رهيا.جو برنز کي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. مئچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڪينگروز بيٽسمينن بهترين بيتنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪيويز بائولرن تي حاوي رهيا. آسٽريليا جي ٽيم کي مئچ ۾ ڪاميابي لاءِ آخري ڏينهن 131 رنسن جي ضرورت هئي ان جون 9 وڪيٽون اڃان باقي هيون. ڪيويز کي مئچ کٽڻ لاءِ 9 وڪيٽن جي ضرورت هئي.ڪينگروز نيوزيلينڊ کي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ مئچ ۾ 7 وڪيٽن تان هارائي نهص رف سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪئي بلڪه ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي عالمي ٽيم رينڪنگ ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪئي. جو برنز کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي بهترين رانديگرن قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *