آسٽريليا جي ٽيم 24 سالن کان پوءِ آئي آهي، ملڪ دشمنن کان آسٽريلوي ٽيم جو اچڻ برداشت نه ٿيو: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير سيخ رشيد احمد چيو آهي ته آسٽريليا جي ٽيم 24 سالن کان پوءِ پاڪستان آئي آهي ملڪ دشمن قوتن کان آسٽريلوي ٽيم جو اچڻ برداشت نه ٿيو ڌماڪي بابت ڪوئي ٿريٽ الرٽ جاري نه ٿيو هو ڌماڪو پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي ملڪ دشمن ڏڦيڙ چاهين ٿا پشاور قصاخواني بازار جي مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شيخ رشيد چيو ته پرڏيهي طاقتون پاڪستان جو امن خراب ڪرڻ گهرن ٿيون گهرو وزير چيو ته هن ڌماڪي ۾ اهي ئي ماڻهو ملوث آهن جيڪي پاڪستان جي ترقي برداشت نٿا ڪري سگهن هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا هن ٻڌايو ته هي نهايت هانءُ ڏاريندڙ ۽ افسوسناڪ واقعو آهي ڌماڪي جي جاچ ٿي رهي آهي هن چيو ته واقعي جي خبر ملندي ئي اسلام آباد ۾ عورتن جو پروگرام ۽ لاهور جو دورو ۽ اتي ٿيندڙ جلسو به منسوخ ڪريون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *