آسٽريليا اهم ميچ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان جا امڪان روشن

لارڊز (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم انگلينڊ کي 64 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جون سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون وڌي ويون آهن.لارڊرز/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 03

۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 285 رنسون ٺاهيون.ڪپتان ايرون فنچ 100 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڊيوڊ وارنر 53، اسٽيون سمٿ ۽ ايليڪس ڪيري 38-38، عثمان خواجا 23 رنسن سان اڳڀرو رهيو.انگلينڊ طرفان ڪرس ووڪس 2، جڏهن ته فوجرا آرچر، مارڪ ووڊ، بين اسٽوڪس ۽ معين علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.جواب ۾ انگلش ٽيم شروعات کان ئي ڏکيائين جو شڪار رهي ۽ بين اسٽوڪس کانسواءِ ڪو به رانديگر گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو.اسٽوڪس 89 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ جوني بيئراسٽو 27، ڪرس ووڪس 26، جوز بٽلر ۽ عادل رشيد 25-25 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.انگلينڊ جي ان فارم بيٽسمين جو روٽ رڳو 8 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان اين مورگن به 4 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.آسٽريليا طرفان بيرنڊورف ۽ مچل اسٽارڪ بهترين بالنگ ڪرائيندي ترتيب وار 5 ۽ 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مارڪس اسٽوئنس هڪ شڪار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *