آسٽريليا ، پاڪستان کي 21 رنسن تان مات ڏئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو

موهالي: آسٽريليا اهم ميچ ۾ پاڪستان کي 21 رنسن تان مات ڏئي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، موهالي جي ميدان تي پاڪستان لاءِ انتهائي اهم ميچ ۾ ڪپتان شاهد آفريدي لاڳيتو ٽيون ڀيرو بدقسمت ثابت ٿيو ۽ ٽاس هارائي ويو، آسٽريليا پهرين بيٽنگ ڪندي زبردست راند کيڏي، عثمان خواجا روايتي جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪئي ۽ ٽيم کي سٺي شروعات ڏئي ويو، ان موقعي تي پاڪستاني بالرن پاڻ ملهايو ۽ 57 رنسن تي ٽن آسٽريلوي بيٽسمينن کي پويلين جورستو ڏيکاريو، جنهن بعد ڪپتان اسٽيون سمٿ اچي باهه ٻاري ۽ شين واٽسن سان گڏجي اسڪور اڳتي کڻي ويو، سمٿ شاندار بيٽنگ ڪندي ففٽي هڻي ويو ته ٻئي پاسي کان وري واٽسن دونهيندار اننگز کيڏي، سمٿ ۽ واٽسن 6 ڏهائي ٻن اوورن ۾ 74 رنسن جي ڀائيواري جوڙي، ڪپتان سمٿ 61 ۽ واٽسن 44 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، اهڙي ريت آسٽريليا 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون، وهاب رياض ۽ عماد وسيم 2- 2 وڪيٽون ورتيون، پاڪستان بيٽنگ شروع ڪئي ته احمد شهزاد رڳو هڪ رنسن ٺاهي موٽيو، شرجيل خان هڪ ڀيرو وري جارحاڻي بيٽنگ ڪندي تيز رفتار 30 رنسون ٺاهي موٽيو، ان کانپوءِ عمر اڪمل ۽ خالد لطيف 5 اوورن ۾ 45 رنسن جي ڀائيواري جوڙي پر اڪمل به 32 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، شاهد آفريدي اچي روايتي تيز رفتاري سان کيڏيو پر رڳو 14 رنسون ٺاهي موٽي ويو، شعيب ملڪ ۽ خالد لطيف رنسون ٺاهڻ جو سلسلو ته جاري رکيو پر خالد تيزي سان اسڪور ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، جنهن ڪري گهربل رن ريٽ وڌندو ويو، خالد لطيف 41 بالن تي 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جيمز فالڪنر پاڪستان لاءِ تباهي آندي ۽ هن 5 وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهي 21 رنسن تان هارائي وئي، شعيب ملڪ 20 بالن تي 40 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، آسٽريلوي بالر جيمز فالڪنر کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *