آسٽريلوي ڪوچ پاڪستان جي دوري کي شاندار قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ اينڊريو ميڪ ڊونلڊ چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسان جو تجربو شاندار رهيو، اهو تاريخي دورو آهي، جيڪو ڊگهي وقت کانپوءِ ٿيو آهي.آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي آسٽريلوي ڪرڪيٽ ڪوچ اينڊريو ميڪ ڊونلڊ چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ تمام سٺي هئي، پاڪستان جي ميزباني شاندار هئي ۽ ڪرڪيٽ جو معيار به غير معمولي هو، اهو سدائين ياد رهندو.پاڪستاني ڪپتان جي تعريف ڪندي آسٽريلوي ڪوچ چيو ته بابر اعظم شاندار ون ڊي سيريز کيڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني رانديگرن به سٺي راند کيڏي ۽ پاڪستان جا اڀرندڙ رانديگر به سٺي راند کيڏي رهيا آهن.آسٽريلوي ڪوچ چيو ته هتي ڪوچنگ جو تجربو منهنجي لاءِ شاندار رهيو ۽ مون کي ڏاڍو مزو آيو، هن ون ڊي سيريز ۾ ڪيترائي رانديگر هئا، اسان بهترين ون ڊي ٽيم کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ٽي ئي ٽاس هارايا پر پهرين ميچ کٽي ۽ ٻي ميچ کٽڻ جو موقعو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *