آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو هلندڙ سال بنگلاديش جي دوري جو امڪان

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو هلندڙ سال بنگلاديش جي دوري جو امڪان آهي، اهو آسٽريليا جو 11 سالن کان پوءِ بنگلاديش جو پهريون دورو هوندو، آسٽريليا آخري ڀيرو 2006ع ۾ بنگلاديش  خلاف ان جي زمين تي ٽيسٽ ميچ کيڏي هئي، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نظام الدين چوڌري پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته اسان جي آسٽريلوي ڪرڪيٽ اختيارين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ معاملا قطعي ٿيڻ کان پوءِ باضابطه طور شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو، توقع آهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *