آسٽريلوي ڪرڪيٽر پيپا ڪيلري شرط لڳائڻ تي 6 مهينن لاءِ معطل

آسٽريليا (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي عورتاڻي ڪرڪيٽ جي رانديگرياڻي پيپا ڪيلري کي ميچ تي شرطون لڳائڻ جي الزام ۾ 6 مهينن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. آسٽريلوي رانديگرن پاران  ميچ تي شرطون لڳائڻ جو لاڙو وڌندو پيو وڃي.آسٽريلوي رانديگر انگيلا ريڪس کي 6 مهينا اڳ ميچ تي شرطون لڳائڻ جي ڪري ٻن سالن لاءِ معطل ڪيو ويو هو،پر انکانپوءِ به آسٽريلوي رانديگرن ۾ سرط لڳائڻ جو لاڙو گهٽ نه ٿي سگهيو.گذريل سال نومبر ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ رٿيل ڊي نائيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ شرط لڳائڻ تي پيپا ڪيلري کي 6 مهينن لاءِ لاٿو ويو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي انٽيگريٽي چيف لين رائي جو چوڻ آهي ته رانديگرن تي واضع ڪيو ويو آهي، ته هو ڪنهن به ميچ ۾ شرط نٿو هڻي سگهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ڪير به ائين نه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *