آسٽريلوي ٽيم جو دورو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي مڪمل بحالي آهي: فواد احمد

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندرز ۾ راشد خان جي جاءِ تي شامل ٿيندڙ پاڪستان ڄائي آسٽريلوي ڪرڪيٽر فواد احمد چيو آهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان دورو هتي ڪرڪيٽ جي حقيقي معنيٰ ۾ مڪمل بحالي آهي.هڪ انٽرويو ۾ 40 ورهين جي ليگ اسپنر چيو ته مان آسٽريلوي رانديگرن کي اهو ئي چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي اهڙي ئي هوندي آهي، جهڙي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ هوندي آهي پر ٻين ملڪن کان وڌيڪ سخت هوندي.هن چيو ته آسٽريليا جي فل اسٽرينٿ ٽيم جو پاڪستان دورو نه رڳو پاڪستان ڪرڪيٽ پر سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ لاءِ ضروري آهي، ان سيريز سان ٻن سخت ٽيمن ۾ مقابلو ڏسڻ لاءِ ملندو.سندس چوڻ هو سٺيون ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪنديون ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ به بهتر ٿيندي ۽ دنيا جي ڪرڪيٽ کي به فائدو ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *