آسٽريلوي عورت ڪرڪيٽ ٽيم آخري ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي مات ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ڇڏي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جي عورت ڪرڪيٽ ٽيم ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان مات ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ڇڏي، نيوزيلينڊ جي ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 243 رنسون ٺاهي آسٽريلوي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 244 رنسن جو هدف ڏنو، سوزي پاٽيز 110 رنسن سان مٿي رهي پر سندس سينچري پنهنجي ٽيم جي ڪم نه آئي. آسٽريليا طرفان پري، ميگن سڪٽ، فارل ۽ جونسن هڪ هڪ رانديگرياڻي کي آئوٽ ڪيو، جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم جي اڳواڻ ميگ لاننگ جي شاندار سينچري سبب مهمان ٽيم ميزبان ٽيم طرفان مليل هدف 48.4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پوري ڪري ميچ کٽي ورتي،آسٽريليا جي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم کي نه رڳو ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان مات ڏني پر ٽن ميچن جي سيريز پڻ 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *