آزاد ڪشمير ۾ گاڏي برساتي نالي ۾ لڙهي وئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر سميت 8 ڄڻا فوت

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ): آزاد ڪشمير جي علائقي نڪيال ۾ گاڏي برساتي نالي ۾ لڙهي وڃڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، بينظير انڪم سپورت پروگرام جو ڊائريڪٽر چوڌري اسحاق پنهنجي خاندان سان گڏ سرڪاري جيپ ۾ وڃي رهيو هيو ته ان جي گاڏي مٿراني ڳوٺ ويجهو ڌموئي آبشاري جي هنڌ تي برساتي نالي ۾ چاڙهه سبب توازن برقرار رکي نه سگهي ۽ آبشار مان هيٺ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سمورا ماڻهو ٻڏي ويا، بارش سبب درياهه ۾ پاڻيءَ جي شدت وڌيڪ هئڻ سبب امدادي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيو پر علائقي جي عوام وڏي انگ ۾ موقعي واري هنڌ پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت 3 ماڻهن جا لاش ڪڍي ورتا آهن، جڏهن ته وڌيڪ لاشن جي ڳولا جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *