آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلستان ۾ به فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت، 21 هين آئيني ترميم تحت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک جو ساهه نه کنيو ويندو. اسلام آباد ۾ دهشتگرديءَ خلاف قومي ايڪشن پلان جي حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، سڌ سماءُ واري وزير پرويز رشيد، نيڪٽا آفيسرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 21 هين آئيني ترميم تحت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير به فوجي عدالتون قائم ڪيون وينديون. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن، معاهشري ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي ۽ آخري دهشتگردي جي خاتمي تائين هــُو ســُک سان نه ويهندا. نواز شريف چيو ته قومي حڪمت عملي تي اڳڀرائي ۽ جلد عملدرآمد جي هــُو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اجلاس دوران نيڪٽا آفيسرن، وزيراعظم کي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت بريفنگ به ڏني. اجلاس دوران ايڪشن پلان تي عمل بابت اسلام آباد ۽ پنجاب جي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نفرت تي ٻڌل تقريرون ڪرڻ تي 164 ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته هڪ سئو 54 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. نفرت تي ٻڌل مواد شايع ڪرڻ تي 40 پرنٽنگ پريس سيل ڪيون ويون جڏهن ته لائوڊ اسپيڪرن جي غلط استعمال جا 88 ڪيس سامهون آيا. پنجاب کانسواءِ ٻين ٽن صوبن رپورٽس جمع نه ڪرايون. واضح رهي ته 25 ڊسمبر تي وزيراعظم نواز شريف 20 نقطن تي ٻڌل قومي ايڪشن پلان جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ فوجي عدالتون به شامل آهن جڏهن ته ٻنهي ايوانن مان ايڪشن پلان جي منظوري بعد چئني صوبن ۾ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *