آرٽيڪل 63 اي سياسي پارٽين ۾ ٺهندڙ بارورڊ بلاڪن تي ضابطو اڻڻ لاءِ شامل ڪيو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 17 رڪني فل بينچ جمعي ڏينهن آئين ۾ ڪيل 18 هين ۽ 21 هين آئيني ترميمن خلاف درخواستن جي ٻن مهينن تائين ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي بار ايسوسيئيشنن طرفان داخل ڪيل درخواستن جي شنوائي 17 رڪني فل بينچ ڪئي جنهن جي سربراهي چيف جسٽس ناصر الملڪ ڪري رهيو هو. عدالت اٽارني جنرل جي دليلن مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالتي ڪارروائي دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان سلمان اسلم بٽ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت اعليٰ ترين عدليا جي ججن جي مقرري جا اختيار جڊيشل ڪميشن کي ڏنا ويا آهن. وفاقي حڪومت جي اعليٰ ترين وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيناڊا ۾ صدر اعليٰ عدالتن جي ججن جي مقرري جو اختيار رکي ٿو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته آمريڪا ۾ صدر آرمي چيف مقرر ڪندو آهي پر ان کان اڳ پارلياماني ڪميٽي ۾ ان تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويندو آهي. اٽارني جنرل آف پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 63 اي جو حوالو ڏيندو ٻڌايو ته اهو آرٽيڪل ڀارتي آئين ۾ به شامل آهي. ان تي جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڇا اهو آرٽيڪل آئين جو حصو آهي يا ان کي بعد ۾ ترميم ذريعي آئين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو ته ڀارتي آئين ۾ اها شق 52هين ترميم جي ذريعي شامل ڪئي وئي آهي ۽ هڪ پارٽي جو سربراهه پارليامينٽ کان ٻاهر ويهي پارٽي جا معاملا هلائي سگهي ٿو. چيف جسٽس ناصر الملڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 63 اي تحت پارلياماني اڳواڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي جڏهن ته عدالت کي ان ڳالهه جي پسمنظر جو جائزو وٺڻو آهي ته ان آرٽيڪل کي آئين ۾ ڇو شامل ڪيو ويو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کي چيو ته دنيا ۾ ڪٿان جو به حوالو ڏيو جتي پارٽي سربراهه جيڪو پارليامينٽ جو ميمبر به نه هجي پر اهو پارليامينٽ جي ميمبر کي رڪنيت تان هٽائي سگهندو هجي. چيف جسٽس ناصر الملڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئين ۾ آرٽيڪل 63 اي ان ڪري شامل ڪيو ويو آهي ته سياسي پارٽين ۾ ٺهندڙ فارورڊ بلاڪن تي ضابطو آڻي سگهجي. اٽارني جنرل چيو ته جيئن ته عدالت فقط آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي جڏهن ته اها پارليامينٽ جي منظور ڪيل ڪنهن به قانون ۽ آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار نه ٿي ڏئي سگهجي. هن عدالت کي گذارش ڪئي ته آئين ۾ ٿيل 18 هين ۽ 21 هين ترميمن خلاف درخواستن کي خارج ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي درخواستون قابل سماعت نه آهن. ان موقعي تي چئني صوبن ۽ وفاقي حڪومت جي ايڊووڪيٽس جنرل اٽارني جنرل جي دليلن جي توثيق ڪئي. ان کان اڳ چئني صوبن، وفاقي گادي واري هنڌ جي ايڊووڪيٽس جنرل، بار ڪائونسلن جي وڪيلن، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندن جن ۾ عاصمه جهانگير، ابرار حسن، خالد انور پنهنجا دليل مڪمل ڪري ڇڏيا هئا. واضح رهي ته 18 هين ترميم ججن جي مقرري ۽ 21 هين ترميم فوجي عدالتن جي قيام بابت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *