آرمي چيف پاران 10 ڪور هيڊ ڪوارٽر جو دورو ۽ نيٽو ملٽري ڪميٽي جي چيئرمين جنرل پيٽر سان ملاقات

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان نيٽوملٽري ڪميٽي جي چيئرمين جنرل پيٽر ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي عسڪري اڳواڻن جي ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي جنرل پيٽر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪسان جي ڪردار کي به ساراهيو. ٻئي طرف  آرمي چيف جنرل راحيل شريف 10 ڪور هيڊ ڪوارٽرن جو دورو ڪيو جتي هن لائين آف ڪنٽرول جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف 10 ڪور هيڊ ڪوارٽرن جو دورو ڪيو جتي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال ڪور هيڊ ڪوارٽر اچڻ تي آرمي چيف جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي جنرل راحيل شريف کي يونٽن ۽ فارميشنز جي آپريشنل تيارين بابت آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف راولپنڊي ڪور جي تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *