آرمي چيف ٽن ڏينهن جي دوري تي چين پهتو، اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن سان ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٽن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو، جتي هن چين جي اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چيني  عملدارن پاران خطي ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي .آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن پاران فوجي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، آرمي چيف پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ لاءِ پيپلز لبريشن آرمي جو دستو موڪلڻ تي ٿورو مڃيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيني ايگزيڪيٽو نائب وزيراعظم زانگ گائو لي، وائيس چيئرمين سينٽرل وائس ڪميشن جنرل فان چنگ لانگ، چيف آف جوائنٽ سروس ڊيپارٽمينٽ جنرل فانگ فيوجي ۽ ڪمانڊر پيپلز لبريشن آرمي جنرل لي زو چنگ سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ آرمي چيف چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام، سلامتي لاءِ مثبت ڪردار جاري رکندو، جڏهن ته پاڪ فوج علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ ڪوششون جاري رکندي. آءِ ايس پي آر موجب چين جي اعليٰ قيادت ملاقات ۾ علائقائي سڪيورٽي، معاشي، دفاعي سهڪار ۽ گڏيل مفادن جي حوالي سان ڳالهائيندي پاڪستان جي موقف سان اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب قيادت پاران خطي جي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستان جي مثالي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي، طالبان، القاعده ۽ ٻين انتها پسند گروپن خلاف پاڪستان جي ڪارروائيون جي به ساراهه ڪئي.

Author: Tariq Sandilo