آرمي چيف سان چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پبلڪ سيڪيورٽي بابت وزير گووشين گيڪون جي ملاقات

راولپنڊي(م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان آچر ڏينهن هتي چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پبلڪ سيڪيورٽي بابت وزير گووشين گيڪون سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واي کاتي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ٿيل بيان مطابق ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ سندس وفد جي ٻين ميمبرن کي خطي ۾ جاري صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. چيني وفد ۾ شامل شخصيتن دهشتگردي خلاف جنگ ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ جاري آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين جي ساراهه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *