آرمي چيف سان يو اي اي جي چيف آف آرمي اسٽاف جي ملاقات

راولپنڊي(م.ڊ) گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل حماد محمد ثاني الروميٿي سومر ڏينهن جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊيءَ ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عرب امارات جي فوجي سربراهه سان برگيڊيئر جنرل صالح محمد صالح پڻ گڏ هو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق ٻنهي فوجي عملدارن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عرب امارات جي وچ ۾ دفاعي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *