آرمي چيف سان بحرين جي ڪمانڊر نيشنل گارڊز جي ملاقات، علائقائي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان بحرين جي ڪمانڊر نيشنل گارڊز جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارا معاملا ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون آئي ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ٻنهي ملڪن جي هٿياربندن فوجن ۾ پيشيوراڻي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ملاقات ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ ڪوششون، ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش کي به ورجايو ويو آهي آئي ايس پي آر پاران ملاقات بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان بحرين سان مضبوط سفارتي اقتصادي دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ٻئي پاسي ملاقات ۾ جنرل شيخ محمد بن عسيٰ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي پيشيوراڻي مهارت جو اعتراف ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ پاران افعان صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪامياب بارڊر مئنجمينٽ کي به ساراهيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *