آرمي چيف سان ارجنٽينا جي سفير جي ملاقات، اسڪردو هيليڪاپٽر سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي تي ڳالهيون

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ارجنٽينا جي سفير ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران اسڪردو ۾ پيش آيل هيليڪاپٽر سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ارجنٽينا جي سفير  “ڊين روڊ ڊِلفو جي مارٽن” ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ- ارجنٽينا لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ارجنٽينا جي سفير کي اسڪردو جي علائقي نلتر ۾ پيش آيل هيليڪاپٽر سانحي جي جاچ بابت اڳڀرائي ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب، ارجنٽينا جي سفير، نلتر هيليڪاپٽر سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *