آرمي چيف سان آمريڪي سفير ۽ اردن رائل ايئر فورس ڪمانڊر جون ڌار ڌار ملاقاتون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آر آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سفير ۽ اردن رائل ايئر فورس جي ڪمانڊر ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪري آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچپسي جي معاملي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کانسواءِ اردن رائل ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل يوسف احمد به جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفن عسڪري لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ميجر جنرل يوسف احمد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين کي ساراهيو ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي به واکاڻ ڪئي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *