آرمي چيف سان آسٽريلوي چيف آف ڊفينس جي ملاقات، دفاعي ۽ سهڪار وڌائڻ بابت ڳالهيون

راولپنڊي(م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان آسٽريليا جي چيف آف ڊفينس فورس ايئر چيف مارشل مارڪ هنسڪن اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ قدمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي مٽا سٽا ڪئي وئي. ان کان اڳ جنرل هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي پاڪ فوج جي هڪ چست ۽ ڦڙت جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ايئر چيف مارشل مارڪ هنسڪن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر پڻ چاڙهي.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *