آرمي چيف جي ڪويت جي عسڪري ۽ سياسي قيادت سان ملاقات، بچاءُ ۽ سيڪيورٽي جي مختلف شعبن ۾ ٻن طرفه سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

ڪويت  (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ڪويت جي دوري دوران ڪويت جي نائب وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير شيخ احمد منصور الاحمد الجابر الصباح، ڪويت جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمد خالد الخضر ۽ انڊر سيڪريٽري نيشنل گارڊ ليفٽيننٽ جنرل اسٽاف انجنيئر عبدالهاشم عبدالرزاق سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گجڏيل دلچسپي جا معاملا، دفاع، سلامتي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب ڌرين دفاعي ۽ سيڪيورٽي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جن ۾ دفاعي شين جي ايڪسپورٽ، تربيت، انساني وسيلن جي فراهمي ۽ دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ جي سلسلي ۾ تعاون شامل آهي، ان کان اڳ آرمي هيڊڪوارٽرز تي پهچڻ تي ڪويت جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ محمد خالد الخضر، آرمي چيف جي آجيان ڪئي، ڪويت آرمي جي ڦڙت جتي آرمي چيف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *