آرمي چيف جي ڏکڻ آفريقا جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي اڳواڻ جنرل قمر جاويد باجوا سان ڏکڻ آفريڪا جي بچاءُ واري وزير ملاقات ڪئي آهي آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڏکڻ آفريڪا جي بچاءُ واري وزير اين اين ماپيسا نڪاڪولا سومر تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي ملاقات دوران بچاءُ ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون سميت گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا جڏهن ته خطي ۾ سيڪيورٽي جي گڏيل صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ڏکڻ آفريڪا جي وزير پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني فوج تي ڪاميابين جو انحصار آهي ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو اچڻ تي مهمان شهيدن جي يادگار تي گلن جا چاڙهي ۽ پاڪستان جي ڦڙت جتي ان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *