آرمي چيف جي وزير اعظم سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات، آپريشن ضرب عضب ۽ آءِ ڊي پيز جي بحالي جي حڪمت عملي تي ويچاريو ويو. تفصيل موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ آپريشن ضرب عضب جي حوالي سان تفصيلي ڳالهايو ويو، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ملاقات ۾ اتر وزيرستان جي لڏي آيلن جي بحالي جي حڪمت تي ويچاريو ويو. وزيراعظم آپريشن ضرب عضب ۾ ٿيندڙ ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ملاقات ۾ ٻوڏ سٽيلن جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهايو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي پاسن جي قيادت دهشتگردن کان ڪليئر ڪرايل علائقن ۾ آءِ ڊي پيز جي بحالي جي حوالي سان جائزو ورتو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ذريعن موجبوزيراعظم جي گڏيل قومن جي دوري جي حوالي سان به ملاقات ۾ ويچاريو ويو، ملاقات ۾ عسڪري ۽ سياسي قيادت ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته وزيراعظم نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي حيثيت سان ڪشمير تڪرار جي حوالي سان ڳالهائيندو. ملاقات ۾ گهرو ۽ پرڏيهي صورتحال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم نواز شريف ملاقات ۾ خواهش ظاهر ڪئي ته جن علائقن کي دهشتگردن مان خالي ڪرايو ويو آهي اتي جلد کان جلد لڏي آيلن جي بحالي جو عمل شروع ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *