آرمي چيف جي وزيراعظم سان ملاقات، مادرِ وطن تي هڪ به دهشتگرد جو وجود برداشت ناهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مادرِ وطن تي هڪ به دهشتگرد جو وجود برداشت ناهي، دهشتگردي خلاف پوري قوم متحد آهي، بنا ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪري ملڪ مان دهشتگردن جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو، دهشتگردن خلاف قدمن تي قومي اڳواڻن کي به اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هو وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ قومي ايڪشن پلان سميت ٻين اهم معاملن تي ويچاريو ويو. ملاقات ۾ آپريشن خيبر ون ۾ ٿيل پيشرفت تي به ڳالهايو ويو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف آپريشن ۾ حاصل ڪيل هدفن جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي (اڄ) اربع ڏينهن ٿيندڙ ڪانفرنس کان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب ملاقات ۾ دهشتگردي روڪٿام ورڪنگ گروپ جي سفارشن تي ويچاريو ويو، وزيراعظم سفارشن تي آرمي چيف کي اعتماد ۾ ورتو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *