آرمي چيف جي قطر جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو جتي هن يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.  قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بچاءَ ۽ سيڪيورٽي ۾ سهڪار واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي قطر جي بچاءَ واري وزير دهشتگردي خلاف پاڪستاني ڪاميابين ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي ساراهيو.

راولپنڊي  (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف قطر جي بچاءَ واري وزير ڊاڪٽر خالد بن محمد عطيا خميس تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران بچاءَ ۽ سيڪيورٽي شعبي ۾ تعاون سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي غور ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب قطر جي بچاءَ واري وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن کي سارهيو. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو اچڻ تي قطر جي وزير يادگار شهدا تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي پاڪستان آرمي جي ڦڙت جٿي قطر جي وزير کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *