آرمي چيف جي قطري بچاءَ واري وزير ۽ هم منصب سان ملاقات، گڏيل دلچسپي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قطري دفاع واري وزير ۽ هم منصب سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه قطر جو دورو ڪيو آهي، جنهن دوران هن قطري دفاع واري وزير ڊاڪٽر خالد بن محمد العطيه سان ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران قطري دفاع واري وزير پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان دفاعي سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه آرمي چيف قطري هٿياربند فوجن جي سربراهه سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي سلامتي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب هٿياربندن فوجن جي سربراهه خطي جي امن ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *