آرمي چيف جي صدارت هيٺ اپيڪس اجلاس، آءِ ڊي پيز جي مرحليوار واپسي جو فيصلو

پشاور (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت ۾ ڪور هيڊڪوارٽر پشاور ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت خيبرپختونخواهه ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعليٰ پرويز خٽڪ، گورنر سردار مهتاب عباسي ۽ آءِ جي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور به شريڪ ٿيا، پاڪ فوج جي تجرمان مطابق اعليٰ سطحي اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد سميت صوبي ۽ فاٽا جي سيڪيورٽي صورتحال جو به تفصيلي جائزو ورتو ويندو جڏهن ته ان موقعي تي اتر وزيرستان جي متاثرن جي ايندڙ مهيني گهرن ڏانهن واپسي جو به فيصلو ٿيو، ترجمان جو چوڻ هو ته اتر وزيرستان جي بي گهر ماڻهن جي انهن جي گهرن ڏانهن واپسي مرحليوار هوندي ۽ پاڪ فوج حڪومت ۽ پوليٽيڪل انتظاميه سان انهن جي واپسي کي يقيني بڻائيندي، ترجمان مطابق اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته پشاور سانحي کانپوءِ قوم دهشتگردي جي پار پٽڻ لاءِ متحد آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جا ماڻهو دهشتگردن ساهون ديوار ثابت ٿيا آهن ۽ صوبن جي ماڻهن همت ۽ حوصلي سان دهشتگردن کي معاشري ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته فوج حڪومت سان گڏجي اتروزيرستان جي متاثرن جي واپسي لاءِ ڪم ڪندي جڏهن ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ به مڪمل تعاون ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *