آرمي چيف جو هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو،عالمي معيار جي بچاءَ وارين شين جي تياري تي انڊسٽري جي خدمتن جي ساراهه

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي عام رابطن واري شعبي آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو ڪيو،جتي آرمي چيف کي بچاءَ ۽ ڪمرشل گهرجن لاءِ تيار ڪيل پيداوار تي تفصيلي وضاحت ڏني وئي. آئي ايس پي آر مطابق چئيرمين هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ سيڪيورٽي گاڏين سوڌو پروٽيڪٽرز بابت وضاحت ڏني.آرمي چيف کي الخالد ٽينڪ،اي پي سيز جي تياري بابت به وضاحت ڏني وئي.جنرل راحيل شريف ضرب عضب سوڌو فيلڊ فارميشن جي مدد تي ايڇ آئي ٽي جي واکاڻ ڪئي ۽ بچاءَ وارين گهرجن لاءِ عالمي معاير مطابق سامان جي تياري تي انڊسٽري جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *