آرمي چيف جو جهلم ويجهو جاري جنگي مشقن جو جائزو، فوجي جوانن جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف خميس ڏينهن جهلم لڳ ”دشمن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ“ بابت فوجي مشقن جو معائنو ڪيو. انهيءَ جنگي مشق جو مقصد دشمن جي ڪنهن به امڪاني حملي کي آرٽلري، ايئر ۽ ڪومباٽ ايوي ايشن فائر پاورجي مربوط استعمال جي ذريعي اثرائتي نموني ناڪام بنائڻ جو مظاهرو ڪرڻ هو. آرمي چيف فوجي مشقن ۾ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جي اعليٰ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ حصو وٺندڙ فوجي جوانن جي پيشور حرفت جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ 30 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل اڪرام الحق ۽ 8 ڊويزن جي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميجر جنرل سرفراز ستار آرمي چيف جو استقبال ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *