آرمي چيف جو اتر، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون، ميران شاهه جو دورو، روڊ جو افتتاح، متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري تي اطمينان جو اظهار

بنون/ميران شاهه(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف بنون، ميران شاهه غلام خان روڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، هي روڊ افغانستان سان واپار جي لاءِ سڀ کان مختصر رستو هوندو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جو دورو به ڪيو، ان موقعي تي ان سان گڏ سندس گهر واري به هئي، هن قائلي عمائدين سان ملاقات پڻ ڪئي،  آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي آپريشن ضرب عضب ۽ فاٽا ۾ جاري متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري جي عمل تي تفسيلي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف جو چوڻ هيو ته آپريشن ضرب عضب سان قبائلي علائقن مان دهشتگردي جو نيٽ ورڪ ختم ٿي ويو آهي، هن فاٽا ۾ تعمير و ترقي ۽ آبادڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هي عمل 2016 ۾ ئي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *