آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي پڌرائي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر اجلاس ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ قومي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس ريليز موجب ملڪ ۾ تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي تي شرڪت ڪندڙن اطمينان جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب افغان امن عمل جي اولهه سرحد تي مثبت اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر اجلاس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ قومي ادارن سان گڏجي حالتن کي معمول تي آڻڻ جو مشن جاري رکڻ تي اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر اجلاس ڪانفرنس ۾ ڀارتي جارحيت ۽ دهشتگردن جي سر عام حمايت تي خاص طور تي ڳالهيون ڪيون ويون. شرڪت ڪندڙن عزم جو اظهار ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه شهرين تي ڀارتي ظلم کي بي نقاب ڪندا رهنداسين. ڀارت جي دهشتگرد تنظيمن جي کليل نموني حمايت کي بي نقاب ڪنداسين.آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي مهم جي ڀرپور حمايت جو عزم ڪيو ويو. ڪوروناجو مقابلو رڳو گڏيل حڪمت عملي سان ڪري سگهجي ٿو.آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته هر شخص جو ڪورونا جي خلاف مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ڪانفرنس ۾ ماڪڙ کي منهن ڏيڻ ۽ موجود وسيلن سان پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ جو جائزو ورتو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *