آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ماسڪو ۾ روسي پارليامينٽ ڊوما جي چيئرمين سان ملاقات

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف روس جي سرڪاري دوري دوران روسي فيڊريشن جي پارليامينٽ ڊوما جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي آهي. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق روسي پارليامينٽ ڊوما جي اسٽيٽ چيئرمين آرمي چيف سان ملاقات دوران دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن، خطي جي استحڪام ۾ ڪردار ۽ ملڪ اندر دهشگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب جي واکاڻ ڪئي آهي. ڊوما جي چيئرمين چيو ته سندس ملڪ  دهشتگردي، انتهاپسندي جي خاتمي ۽ خطي اندر استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا آزاداڻي، تسلسل تي ٻڌل آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي ڌرين دفاعي لاڳاپا، فوجي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ هڪٻئي جي فوجي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو آهي. آرمي چيف 16 جون تي ماسڪو ۾ فوجي نمائش جو معائنو ڪيو. نمائش ۾ جديد هٿيارن جي بهترين انداز ۾ نمائش ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *