آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ هيڊڪوارٽر جو دورو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ هيڊڪوارٽر ۾ پاڪ آمريڪي فوج جي سربراهن وچ ۾ ملاقات ۾ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ افغانستان ۾ استحڪام جي حڪمت ملي تي غور ڪيو ويو، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائين تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪئي، پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف هڪ هفتي جي دوري تي آمريڪا ۾ موجود آحي جنرل راحيل شريف جنرل مارٽن ڊيمپسي ۽ ٻين اعليٰ آمريڪي فوجي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، ان دوران ڊسمبر ۾ آمريڪي فوج جي افغانستان مان واپسي، آپريشن ضرب عضب سميت ٻين اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آمريڪي اختيارين ضرب عضب جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پاڪ فوج جي سربراهه پيشڪش ڪئي آهي ته افغان فوج کي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان آمريڪي فوج جي مدد لاءِ تيار آهي، آمريڪا حقاني نيٽورڪ خلاف ڪارروائي کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻين جهادي تنظيمن خلاف ڪارروائي جو به امڪان ظاهر ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *