آرمي چيف جنرل راحيل سان اٽلي جي فوجي سربراهه جي ملاقات، پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اٽلي جي چيف آف اسٽاف ملاقات ڪئي، جنرل ڪلاڊيو گريزنو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته اٽلي پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اٽلي جي فوجي سربراهه ڪلاڊيو گريزنو جــِي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران دفاع، سڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ مختلف قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام مختلف قسمن جي سڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن. اطالوي فوجي سربراهه پاڪ فوج جي پيشواراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته خطي ۾ استحڪام ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ عوام جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته اٽلي پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب اٽلي جي فوجي سربراهه جي جــِي ايڇ ڪيو پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو جڏهن ته جنرل ڪلاڊيو گريزنو شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر به چاڙهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *