آرمي چيف افغانستان پهچي ويو، افغان هم منصب سان ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جو آرمي چيف هڪ ڏينهن واري دوري تي افغانستان پهتو آهي جتي هو افغان صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو سان به ملاقات ڪندو نيٽو جو سيڪريٽري جنرل اسٽولن برگ به اڻ اعلانيل دوري تي افغانستان پهچي ويو، پاڪستاني آرمي چيف جنرل راحيل شريف افعان هم منصب جنرل ڪريمي سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف دوري دوران افغان صدر اشرف غني، چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله، دفاع واري وزير قومي سلامتي واري صلاحڪار سميت سميت اعليٰ فوجي اختيارين سان به ملاقاتون ڪندو، نيٽو جو سيڪريٽري جنرل اڻ اعلانيل دوري تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي ويو جتي هو افغانستان جي اڳواڻن ۽ سيڪيورٽي فورسز سان ملاقات ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *