آرمي پبلڪ اسڪول کي يونيورسٽي جو درجو،16 ڊسمبر تعليم جو قومي ڏينهن ملهائڻ جواعلان

پشاور (م.ڊ) آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ٿيندڙ مُک تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هڪ سال پهرين ڏُک ڀريو واقعو پيش آيو، ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي مسقتبل جا ساٿي اسان کان وڇڙي ويا.سندس چوڻ هو ته پوري قوم هن سانحي جو ڏُک محسوس ڪيو۽ ٻارڙن جا ترانا ٻڌڻ واريون ڀتون ڌمڪان جي آواز سان گونجي اٿيون،انسانن جو مقابلو انهن سان ئي ڪري سگهجي ٿو جيڪي انسان هجن.وزيراعظم جو چوڻ هو ته سانحي کانپوءِ فوجي ۽ سياسي قيادت گڏجي ڪري فيصلو ڪيو ته هاڻي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃڻي آهي، جنهن لاءِ گڏيل فيصلي کانپوءِ قومي اسيمبلي مان قانون پاس ڪرائي آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو، هر ويڙهه ۾ شهيد شاگردن جو رت ڳالهائي رهيو آهي.آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي،اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن دهشتگردن جو قلعو جڙ کان ڪڍي ٻاهر اچلايو ويندو.وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو هر علائقو امن جو علائقو بڻائينداسين ڪٿي به اهو تصور نه ڪيو ويندو ته هي علائقو ڪنهن ڦلاڻي شخص جو آهي هي علائقو ڪنهن ٻئي جو آهي،بس هر جڳهه تي پاڪستان ۽ امن جو نالو هوندو.تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 16 ڊسمبر جي خطرناڪ واقعي اسانکي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو، اسانجو مذهب چئي ٿو ته شهيد جيئرا هوندا آهن.16 ڊسمبر جو واقعو نه وسرندڙ واقعو آهي،ان موقعي تي وزيراعظم 16 ڊسمبر کي تعليم جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ آرمي پبلڪ اسڪول کي يونيورسٽي بڻائڻ جو به اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *