آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي کان پوءِ ٻيهر نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردن خلاف سڄي ملڪ ۾ آپريشن جي ضرورت آهي: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي واقعي کان پوءِ هاڻي ٻيهر وقت اچي ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تهت دهشتگردن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ آپريشن ڪيو وڇي هن پلان ۾ ان تي به اتفاق راءِ ڪيو وڇي ته پوليس کي غير سياسي ڪري پروفيشنل بڻايو ويندو گرفتار ٿيل ڀارتي جاسوس کان جامعه جاچ ڪئي وڃي ۽ ان جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود ان جي ساٿين کي به گرفتار ڪيو وڃي اهڙنخ يالن جو اظهار هن جناح اسپتال ۾ زخمين جي عيادت ۽ جامعه اشرفيا جي متولي مولانا عبيدالله جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. عمران خان چيوت ه ڪجهه ماڻهو اسلام جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا اهن هي اسان جي نبي ڪريم صلعم جي ڏنل درس جي بلڪل ابتڙ آهي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي واقعي کان پوءِ هاڻي ٻيهر وقت اچي ويو آهي ته يڪراءِ سان سڄي ملڪ ۾ جتي به دهشتگرد مقرر آهن انهن جي پاڙ پٽي وڃي نيشنل ايڪشن پلان تحت خيبرپختونخواهه بلوچستان ۽ پنجاب سميت جتي به ضرورت هجي هر هنڌ وڃڻ گهرجي هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته پوليس کي غير سياسي ڪري پروفيشنل بڻايو ويندو. جڏهن پوليس وي وي آءِ پيز جي سيڪيورٽي ۽ سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ استعمال ٿيندي ته ان وقت تائين حالتون ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن هنم چيو ته سنڌ ۾ پوليس جون سياسي ڀرتيون ڪيون ويون ميرٽ تي مقرري ۽ پوسٽنگ نه ٿي ته پوليس کان گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ان حوالي سان نيسنل سيفٽي ڪميشن فيصلو ڪري ٿي اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ سيفٽي ڪميشن بڻائي رهيا آهيون.  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جناح اسپتال اچڻ جي موقعي تي ڌڪن ۽ رش سان ايمرجنسي جو دروازو ٽٽي پيو عمران خان سخت بدنظمي سبب مريضن جي عيادت ڪرڻ بنا ئي ٻاهر اچي ويو تفصيل مطابق گذريل ڏينهن عمران خان، پارٽي اڳوڻن، جهانگيرخان ترين، ميان محمود الرشيد، شعيب صديقي ۽ ٻين سان گڏ زخمين جي عيادت لاءِ جناح اسپتال آيو جڏهن ته اتي گڏ ماڻهن ۽ گڏ ايندڙ ڪارڪنن جي ڌڪن ۽ پيڙهه سبب سخت بدنظمي پيدا ٿي ۽ ايمرجنسي جو دروازو ۽ ان جا شيشا ٽٽي پيا عمران خان ناراضگي جو اظهار ڪندي ايمرجنسي مان باهر آيو جڏهن ته ڪجهه دير کان پوءِ رش گهٽجڻ تي عمران خان کي ٻيهر ايمرجنسي اندر آندو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *