آرمي ترميمي ايڪٽ بِل اتفاق راءِ سان ٻيهر منظور، سمورين جماعتن ٻڌي ڏيکاري: سرڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي گڏيل طور سروسز چيفس (هٿياربند فوجن جي سربراهن) ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مدي ۾ واڌ بابت ٽئي بل منظور ڪري ورتا. پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ امجد خان نيازي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي بچاءَ بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ سميت وزارت جي ٻين اختيارين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اڳ ۾ معمول جي ايجنڊا تي بحث ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس ايڪٽس ۾ ترميمن جو معاملو غور هيٺ آيو ۽ ڪميٽي هٿياربند فوجن بابت ٽنهي ايڪٽس ۾ ترميمون گڏيل طور منظور ڪري ورتيون. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ اسان جا نظريا مختلف ٿي سگهن ٿا پر هر معاملي تي سياست ناهي ٿيندي، سڄو پاڪستان فوج سان گڏ آهي، سڀني جماعتن غير مشروط طور بل جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اهي بل سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ لاءِ پيش ڪيا ويندا. ڪميٽي جي چيئرمين امجد خان نيازي جو چوڻ هو ته اجلاس دوران اپوزيشن جون پيش ڪيل ترميمون ٻڌيون پر اهو مسودو قانون جو حصو نه هو، ترميمي قانون گڏيل طور منظور ڪرڻ تي سڀني جماعتن جا ٿورائتا آهيون. ٻئي پاسي قانون واري وزير فروغ نسيم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر سروسز چيفس جي مقرري لاءِ هڪ پارلياماني ڪميٽي جو رول ٺاهڻ پئي چاهيو، مان انهن کي قانوني طور راضي ڪيو ته جيڪا تبديلي اهي تجويز ڪري رهيا آهن، ان لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي. هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي جو رول ان وقت هوندو آهي، جڏهن آئيني ترميم اهو رول ٺاهي ۽ قلم 243 ۾ ڪا ترميم نه پئي ٿئي، نه ئي سپريم ڪورٽ اسان کي آئين ۾ ترميم جو چيو آهي، آئين ۾ ترميم نه ٿيندي ته پارلياماني ڪميٽي جو رول نٿو ٺهي ۽ اپوزيشن وڏي دل سان منهنجي ڳالهه کي تسليم ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *