آدم شماري قومي فرض آهي، هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه لاهور آپگهاتي ڌماڪي ۾ فرض جي ادائگي دوران شهيد ٿيل فوجين ۽ سولين کي خراج عقيدت پيش ڪندي واضح ڪيو آهي ته آدمشماري جو عمل هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو، انهن قربانين سان اسان جو قومي عزم وڌيڪ مضبوط ٿيندو، سڄي قوم جي حمايت سان پنهنجي ڌرتي کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪري سک جو ساهه کڻنداسين، اربع تي آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته لاهور آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي ۽ سولين آدمشماري جي ڊيوٽي تي هئا، آدمشماري جو انقاد هڪ قومي ذميواري آهي، هن چيو ته آدمشماري جو عمل هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته منهنجون سموريون همدرديون ڏکايل خاندانن سان گڏ آهن، مان شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *