آدمشماري بابت ان ڪئمرا بريفنگ لاءِ سيسس کي آخري خط لکيو آهي، جواب نه مليو ته ڪارروائي ڪئي ويندي: آغا سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته آدمشماري بابت  ان ڪئمرا بريفنگ لاءِ سيسس کي  آخري خط لکيو آهي، جواب نه مليو ته رولز تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهار چيو ته لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت آدمشماري بابت بهتر نموني ڪيس ناهي وڙهيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران چيو  ته  آدمشماري بابت ان ڪئمرا بريفنگ لاءِ سينسز ڪمشنر کي خط لکڻ ۽ بار بار رابطا ڪرڻ باوجود موٽ نه ملي آهي، هاڻ ان کي آخري خط لکيو  آهي، جيڪڏهن جواب نه مليو ته رولز تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهارالحسن چيو ته آدمشماري ملتوي ٿيڻ بابت ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي، وڏو وزير ٻڌائي ته جيڪڏهن مسئلي جي حل لاءِ سندن سهڪار جي ضرورت آهي ته هو ان لاءِ تيار آهن. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته وفاق سنڌ جي ٺهرائن تي عمل ناهي ڪندو پر انهن خلاف ڪارروائي ڪندو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ آدمشماري ڪرائي رڪارڊ ٺاهي، جيڪڏهن ايوان راضي ٿيو ته هو وڏي وزير سان به ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار  آهي. تعليم ۽ پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙي چيو ته وفاقي حڪومت آدمشماري ڪرائڻ  لاءِ هڪ سال اڳ اعلان ڪيو هو پر هو ان معاملي تي سنجيده نظر نه آئي.  هن چيو ته ٻن مهينن کان آدمشماري ملتوي ڪرائڻ لاءِ ٽال مٽول ڪئي پئي وئي.    نثار کهڙي چيو ته آدمشماري ملتوي ٿيڻ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت چاهي ها ته اها فوجي جوانن جي مدد وٺي پئي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *