آخري وقت ۾ پي ٽي آءِ ورڪرز کي پولنگ اسٽيشنز کان ٻاهر ڪڍڻ جي جاچ ڪري رهيا آهيون: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ن ليگ جي ڌانڌلي روڪڻ لاءِ واضح حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت ڪئي، آخري وقت ۾ پي ٽي آءِ ورڪرز کي پولنگ اسٽيشنز کان ٻاهر ڪڍڻ جي جاچ ڪري رهيا آهيون. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ۾ عمران خان چيو ته هو اين اي 122 تي ڪامياب مقابلو ڪندڙ عليم خان ۽ پي پي 147 تي ڪاميابي حاصل ڪندڙ شعيب صديقي کي واڌايون ڏئي ٿو. هن چيو ته عليم خان وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو ڀرپور مقابلو ڪيو، هي اين اي 122 تي تحريڪ انصاف جي اخلاقي فتح آهي. عمران خان چيو ته ننڍي چونڊ تحريڪ انصاف کي مضبوط ڪرڻ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، پنهنجي غلطين مان سبق سکنداسين. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اين اي 122 ۾ تحريڪ انصاف جي خارج ڪيل ووٽرز ۽ آخري وقت ۾ ووٽرز کي پولنگ اسٽيشنز مان ٻاهر ڪڍڻ جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *