آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪراچي آپريشن جاري رهندو: وزير اعظم

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر)وزير اعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي جي خلاف آپريشن جاري رهندو، ڪراچي آپريشن ڪنهن سياسي جماعت نه پر ڏوهارين جي خلاف آهي. ڪراچي شهر مان سمورن ڏوهن جي خاتمي وارو ڏينهن اچڻو آهي، هڪڙو ڪم شروع ڪيو آهي ته ان کي ختم ڪري سک جو ساهه کڻنداسين، ملڪي معيشت جي بحالي هڪ چيلنج هو ۽ توانائي جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي بحالي ممڪن ناهي توانائي جي بحران کي ختم ۽ بجلي کي سستو ڪرڻ جي لاءِ ڪوشسون ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 25 ڪمپنين ۾ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وزير اعظم چيو ته ڪراچي آپريشن ڪنهن جماعت جي خلاف ناهي پر ڏوهارين جي خلاف آهي ۽ جيڪو به ڏوهاري هجي ان کي نه بچڻ گهرجي ڀلي اهو ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هجي. وزير اعظم چيو ته ڪراچي آپريشن 2013 ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ اجلاس کانپوءِ صلاح مشوري سان شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به موجود هئا. ڪراچي آپريشن جي نتيجي ۾ شهر ۾ ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتا خوري، ٽارگٽ ڪلنگ ۽ ٻين ڏوهن کي روڪڻ ۽ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته روزگار، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪراچي ۾ امن ضروري آهي، جڏهن ڪراچي ترقي ڪندو ته پورو ملڪ ترقي ڪندو. امن امان جي قيام جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ ان ۾ اسان کي ڪاميابي به ملي رهي آهي پر ان ۾ اڃا وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته ڏوهن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو ۽ پنهنجي ان واعدي کي پورو ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهي آهي. وزير اعظم چيو ته فرقيواريت ۾ ملوث ماڻهو جتي به هجن انهن کي بچي نڪري وڃڻ جو رستو نه ڏنو ويندو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان هزارين جانين جي قرباني ڏني آهي ۽ ملڪ جو اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، جن ماڻهن اسان تي اها جنگ مسلط ڪئي آهي انهن کي شڪست ملندي، اسان ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو چاهيون ٿا، ان مسئلي کي پهريان ئي ٺيڪ ڪرڻ گهربو هو. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان ڳالهيون به ڪيون ۽ ان کانپوءِ آپريشن شروع ڪيو ۽ جيستائين آخري دهشتگرد کي ختم نٿو ڪيو وڃي، آپريشن جاري رهندو آپريشن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ختم ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورين سياسي جماعتن سان ملي متفقه طور تي 20 نڪاتي قومي لائحه عمل جوڙيو ويو ۽ اڄ سڄي ملڪ ۾ ان تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪيترن ئي چيلنجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۽ ملڪي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي نه رڳو توانائي جي مسئلي تي ضابطو ڪرڻو آهي پر ايندڙ 25 سالن جي لاءِ به منصوبه بندي ڪرڻي آهي اسان نه رڳو بجلي جي کوٽ کي ختم ڪرڻو آهي پر بجلي کي سستو به ڪرڻو آهي ته جيئن مناسب قيمتن تي گهريلو صارفين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي بجلي ملي سگهي. هن چيو ته توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪوئلي، ايل اين جي، سولر ۽ ونڊ جهڙن منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون پر رڳو مختصر مدي وارن منصوبن تي ڪم ناهي ڪرڻو. ڊگهي مدت وارن منصوبن تي به ڪم ڪرڻو آهي ۽ اسان کي هائيڊرو پروجيڪٽس تي به ڌيان ڏيڻو آهي، جنهن ۾ ڀاشا، ڊاسو ۽ بونجي ڊيم وارا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن سان 15 کان 17 هزار ميگا واٽ بجلي به پيدا ٿيندي جيڪا بنجر زمينن کي به سيراب ڪندي. هن چيو ته ڀاشا ڊيم جي پاڻي جو ذخيرو تربيلا ۽ منگلا کان وڌيڪ هوندو. هن چيو ته ملڪي معيشت جي بحالي ۾ خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي روانگي واپار کي وڌائڻو آهي ڇو ته روانگي واپار سان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌيڪ وڌندا. هن چيو ته پي آءِ اي کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، سيڙپڪاري کي وڌائڻو آهي ۽ موٽر ويز ٺاهڻا آهن، جن ۾ ڪراچي کان حيدرآباد تائين واري موٽر وي جو سنگ بنياد رکيو ويو آهي، جنهن کي لاهور تائين پهچائڻو آهي. هن چيو ته گوادر جي تعمير ڪرڻي آهي ۽ ايل اين جي جا ڪارخانه لڳائڻا آهن. هن چيو ته اسان سڀني جي سامهون پنهنجي ايجنڊا رکي آهي ۽ هاڻي ان تي عمل ڪرڻ ۽ تڪميل تي پهچائڻ لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پارٽي منشور جي مطابق عوام جي خوشحالي ۽ ترقي تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ماضي جي داستانن ۾ نٿا وڃڻ چاهيون اسان دنيا جي سامهون پاڪستان جو سٺو اميج پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان ملڪ جي اهم معاملن تي سڀني سان گڏجي ويهندا آهيون ۽ 2013 کان پوءِ سڀني سان افهام ۽ تفهيم شروع ڪئي آهي ۽ اسان ان ئي جذبي کي جاري رکڻ چاهيون ٿا. ملڪ کي ان ريت ئي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. وزير اعظم چيو ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪن ڀارت ۽ افغانستان سان پنهنجي معاملن کي بهتر بنائي رهيا آهيون پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تعاون جاري آهي جيڪو خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، سنڌ جو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، خزاني وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرمين منير ڪمال ۽ ٻيا موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *