آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جاري رهندو:آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ اهو آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف بهادر رينج اٽڪ جو دورو ڪري پاڪ چين گڏيل مشق واريئر ٿري جو جائزو ورتو ۽ اسپيشل سروسز گروپ جي دهشتگردي خلاف ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. ڊي جِي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واريئر ٿري مشقون دهشتگردي جي خاتمي بابت آهن. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ملٽري لاڳاپا ترقي جي بلندين تائين ويندا جڏهن ته دهشتگردي کان پاڪ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ آپريشن ضرب عضب ۾ جاري رهندو. پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندڙ جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *