آخري تائين وڙهي رهيو آهي اسان جو ڪپتان: (علي محمد)، ڪٿي ۽ ڪنهن سان؟ ميدان ۾ ته نه هو: سعيد غني جي تنز

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر علي محمد خان جي عمران خان بابت ٽوئٽ تي سعيد غني سوالي تنز ڪندي چيو ته اسان آخري بال کڻي صبح کان عمران خان کي ڳوليندا رهياسين پر آخري بال کيڏڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ عمران نيازي، جنرل نيازي وانگر ميدان ڇڏي ڀڄي ويو گذريل ڏينهن قومي اسيمبيل ۾ عمران خان جي خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي هئي ۽ قرارداد جي حق ۾ 174 ووٽ پيا هئا علي محمد خان عمران خان جي حڪومت پاران واحد فرد هو جيڪو بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ جي موقعي تي ايوان ۾ موجود هو علي محمد خان سوشل ميڊيا تي ٽوئٽ ڪندي لکيو ته آخري بال تائين وڙهي رهيو آهي اسان جو ڪپتان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جي ٽوئٽ تي ردعمل ڏيندي سعيد غني لکيو ته ڪٿي ۽ ڪنهن سان ميدان ۾ ته نه هو سعيد غني سوشل ميڊيا تي هڪ ٻي ٽوئٽ ڪندي لکيوت ه اسان آخري بال کڻي صبح کان عمران خان کي ڳوليندا رهياسين پر آخري بال کيڏڻ جي ڪوڙِ دعويٰ ڪندڙ عمران نيازي جنرل نيازي وانگر ميدان ڇڏي ڀڄي ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *